Posted by: FidaHussain | مَي 30, 2008

آڪاش انصاري

ڀٽڪي پنهنجو دڳ وڃي، جئين ڪو پکيئڙو منجھ گگن،
نـــــه جــنـــهــن جـــو ڪـــوئــي آ هــيـرو ، نه آشيانو ۽ چمن،
مان بــه پــنـــهنـــجي ديــس ۾ ، آهــيــان اڪــيــلـــو اوپــرو ،
جــــــلاوطـــــن ، جــــــلاوطـــــن ، جــــلاوطــــن ، جـــلاوطــــن،

روز ٿــــــو زهــــــر پــيــــان ، مران جيان، جيان مران،
ڄڻ ڪلاچي ڪُـــن ۾ ، ٻڏان تـــران ، ٻڏان تران،
يا ديول جي ديپ جيئن، اُجھان ٻران ، اُجھـان ٻران،
ڄڻ صليب تي ٽنگيل، ڪو سرد مان هجان بدن،
جـــــلاوطن ، جـــلاوطن ، جــــلاوطن ، جـــلاوطن.

نه منهنجو ڄڻ هي ماڳ آ، نه منهنجو ڄڻ مڪان آ،
نه منهنجي ڄڻ هي نگري آ ، نـه مـنــهـنـجـو آســتان آ،
نـــه مـنـهـنجي ڄڻ هي ڌرتي آ ، نه منهـنـجو آسمان آ،
ڄڻ هجان تاريخ جي ، مـان لاش جو مـيــرو ڪــفــن،
جـــــلاوطن ، جــــــلاوطن ، جـــــلاوطن ، جـــــــلاوطن

جا مُرڪ مونکان وئي کسي، تنهن مُرڪ جو آهي قسم،
مــــان رت رُنــــس ظـالـمــو! تـنـهن لُـڙڪ جـو آهي قسم،
جــيــجــل جــي مــٺــڙي ٿڃ جي هر سُرڪ جو آهي قسم،
پلئـه ڪندس ، پـلئه ڪندس، اي وقت! تو سان آ وچن،
جــــــلاوطـــــن ، جـــــــلاوطـــــن ، جـــلاوطـــن ، جـلاوطــن

Posted by: FidaHussain | مَي 30, 2008

آڪاش انصاري

اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،

اسان جو جڏهن خـون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙها وطن جا به واســـي ڇـــڏيـــنــدو،
جڏهن ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي،
تــــه مـــــــاڻــيـندا منزل پنهنجا ڍول ڍاتي،

اسانجون هي ٻانهـون، اسان جـــون نــــگـاهـــون،
ازل کان لـــــوچــــيــــن ٿـــيـــون اهــڙيون راهون،
انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
ته ماڻيــنـــدا مـــنـــزل پــنـــهـــنجـــا ڍول ڍاٽــــي،

جڏهن منهنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جھُرندا،
ٻَـــــري ۾ نـــــــه ٻــــڪــــرار جــــا ٻـــار ٻـــــرنــدا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيـجل جــي ڇــــاتـــي،
ته ماڻيندا مـنـــزل پـــنـــهــنـــجــا ڍول ڍاٽــــــــــي،

جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو،
مٿان پارڪر جي پنورهارن تي وسندو،
نــــه رهنـدي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
تــــه مــاڻــيــنـدا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.

Posted by: FidaHussain | مَي 28, 2008

استاد بخاري

ڪيئن به ڪري پر آوازن کي جاڳايو،
ماڻهن سان نه ته ڳلين سان ئي ڳالهايو.

خاموشيءَ جي مُهر لڳي ڇو محفل کي،
نغما، ناهن نوحا ئي پر ڳارايو.

صبر متان ٿي سڪتو پئي ۽ سڪتو موت،
ڪنهن به طريقي ساٿي تن کي تڙپايو!

تحريڪون نه ته تدبيرون، نه ته تجويزون،
ڪجهه ته بکارين تاريخين کي کارايو!

شعلا شعلا وَتي ٿو ورڇيندو،
اونداهه آ ”استاد بخاري آڻايو.

Posted by: FidaHussain | مَي 28, 2008

سچل سرمست

ناھي ويچاريءَ وَسُ، جو ڪَري ماٺ پَـئِي رَھي؛
ڪَنھِين ڇَن نه ڇڏيوم، سندو گَورَنِ گَسُ؛
ڏونگر منجھان ڏَسُ، پوندم ھوت پُنھونءَ جو.
۲
وَيُم لالَنُ لوءِ، ھِيءَ اَڻاسِي ننڊ ۾؛
ڀُليءَ ھيئن نه ڀانئيو، پيو پروڙڻُ پوءِ؛
ھوتُ وَٽِم جي ھوءِ، تا سُک گُذاريون ڏينھڙا.
۳
منھن ڏيئي آيام، جبل جھاڳڻ ڪيچ جا؛
طعنا تھمتَ لوڪ جا، سِر چَڱا چايام؛
ڀَت ڀَليءَ ڀايام، سِھرا سُور پريَنِ جا.
۴
ھيءَ نماڻِي نال، سنگت نِجو ساٿيو!
ايندي پُٺيءَ آن جي، جيھي تيھي حال؛
ھِن ڳوليندڙ جي ڳالھ، ڪا ھئي ھوتياڻِنِ ۾؟

۵
رُئڻ زارو زار، راتو ڏينھان آھ مون؛
کوڙي ڪان قريبُ ويو، ھِنيڙي مَنجھ ھزار؛
ھن گوليءَ جي گُفتار، ڪا ٻُڌيَوَ ٻاروچن ۾؟
۶
وڃڻ ذوق ضرور، ھِن ڪاھِل آھي ڪيچ ڏي؛
ڏسان شال اکين سان، ھوتاڻو حُضور؛
منھنجو ڪو مَذڪور، ٻُڌوَ ٻاروچن ۾؟
۷
سرتيون سڪ سبِيلَ، اَندر منجھ عجيب جِي؛
راتو ڏينھان ٿي ڪريان، زاريون منجھان زِيلَ،
ھن ڪمينيءَ جي قِيلَ، ڪا ھئي ھوتياڻن ۾؟
۸
پِرين ڏيئي پُور، ويا ويچاريءَ کي؛
تنھن دنيا جو دُور ڪيو، سڀو شوق شعُور؛
ھن مُئيءَ جو مذڪُور، ڪو ٻُڌوَ ٻاروچن ۾؟

Posted by: FidaHussain | مَي 16, 2008

شاعري

”الف“ اندر ۾ عشق مچايون،

”ب“ ته برنهن جون باهيون، يار،

”ت“ سان تن من تڙپي تو لئه،

”ث“ سان ثابت سُک نه، يار،

”ج“ جدائي جانب جھوريو،

”ح“ ته وڃايم روئي حال،

”خ“ سان خنجر عشق جو خوني،

”د“ ڪهي ٿو دم دم، يار،

”ذ“ سان ذڪر ۾ تنهنجي سهڻا،

”ر“ ته رڙي ٿو منهنجو روح،

”ز“ سان زوري دل لٽي وئين،

”س“ لڌئي نه ساجن سار،

”ش“ شرم ۽ شان وڃايو،

”ص“ صفا سائين تنهنجي سڪ،

”ض“ ضعيفي زور وٺي وئي،

”ط“ سان طلب آ تارون تار،

”ظ“ سان ظاهر ٿا آيو جڏهين،

”ع“ اوهان جو عشق عيان،

”غ“ غمن ۾ جاليان جاني،

”ف“ ته فڪر ۾ فاني يار،

”ق“ وهي ويو قلم قضا جو،

”ڪ“ ڏيان مان ڪنهن کي دانهن،

”ل“ لکيو آ ليک اصل کان،

”م“ مٺا ڏيان ڪنهن کي ميار،

”ن“ نيڻن مان ”و“ وهي پيون،

”هه“ ته حجر جون واهيون يار،

”ء“ اچين جي اڱڻ اسان جي،

”ي“ ته يڪو ٿين عيدون يار.

زمرا