Posted by: FidaHussain | May 30, 2008

آڪاش انصاري

ڀٽڪي پنهنجو دڳ وڃي، جئين ڪو پکيئڙو منجھ گگن،
نـــــه جــنـــهــن جـــو ڪـــوئــي آ هــيـرو ، نه آشيانو ۽ چمن،
مان بــه پــنـــهنـــجي ديــس ۾ ، آهــيــان اڪــيــلـــو اوپــرو ،
جــــــلاوطـــــن ، جــــــلاوطـــــن ، جــــلاوطــــن ، جـــلاوطــــن،

روز ٿــــــو زهــــــر پــيــــان ، مران جيان، جيان مران،
ڄڻ ڪلاچي ڪُـــن ۾ ، ٻڏان تـــران ، ٻڏان تران،
يا ديول جي ديپ جيئن، اُجھان ٻران ، اُجھـان ٻران،
ڄڻ صليب تي ٽنگيل، ڪو سرد مان هجان بدن،
جـــــلاوطن ، جـــلاوطن ، جــــلاوطن ، جـــلاوطن.

نه منهنجو ڄڻ هي ماڳ آ، نه منهنجو ڄڻ مڪان آ،
نه منهنجي ڄڻ هي نگري آ ، نـه مـنــهـنـجـو آســتان آ،
نـــه مـنـهـنجي ڄڻ هي ڌرتي آ ، نه منهـنـجو آسمان آ،
ڄڻ هجان تاريخ جي ، مـان لاش جو مـيــرو ڪــفــن،
جـــــلاوطن ، جــــــلاوطن ، جـــــلاوطن ، جـــــــلاوطن

جا مُرڪ مونکان وئي کسي، تنهن مُرڪ جو آهي قسم،
مــــان رت رُنــــس ظـالـمــو! تـنـهن لُـڙڪ جـو آهي قسم،
جــيــجــل جــي مــٺــڙي ٿڃ جي هر سُرڪ جو آهي قسم،
پلئـه ڪندس ، پـلئه ڪندس، اي وقت! تو سان آ وچن،
جــــــلاوطـــــن ، جـــــــلاوطـــــن ، جـــلاوطـــن ، جـلاوطــن


Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Categories

Follow

Get every new post delivered to your Inbox.