آڪاش انصاري
ڀٽڪي پنهنجو دڳ وڃي، جئين ڪو پکيئڙو منجھ گگن،
روز ٿــــــو زهــــــر پــيــــان ، مران جيان، جيان مران،
نه منهنجو ڄڻ هي ماڳ آ، نه منهنجو ڄڻ مڪان آ،
جا مُرڪ مونکان وئي کسي، تنهن مُرڪ جو آهي قسم،
Posted in Akash ansari | Tags: Add new tag, akash, jala watan
آڪاش انصاري
اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،
اسان جو جڏهن خـون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙها وطن جا به واســـي ڇـــڏيـــنــدو،
جڏهن ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي،
تــــه مـــــــاڻــيـندا منزل پنهنجا ڍول ڍاتي،
اسانجون هي ٻانهـون، اسان جـــون نــــگـاهـــون،
ازل کان لـــــوچــــيــــن ٿـــيـــون اهــڙيون راهون،
انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
ته ماڻيــنـــدا مـــنـــزل پــنـــهـــنجـــا ڍول ڍاٽــــي،
جڏهن منهنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جھُرندا،
ٻَـــــري ۾ نـــــــه ٻــــڪــــرار جــــا ٻـــار ٻـــــرنــدا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيـجل جــي ڇــــاتـــي،
ته ماڻيندا مـنـــزل پـــنـــهــنـــجــا ڍول ڍاٽــــــــــي،
جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو،
مٿان پارڪر جي پنورهارن تي وسندو،
نــــه رهنـدي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
تــــه مــاڻــيــنـدا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.
استاد بخاري
ڪيئن به ڪري پر آوازن کي جاڳايو،
ماڻهن سان نه ته ڳلين سان ئي ڳالهايو.
خاموشيءَ جي مُهر لڳي ڇو محفل کي،
نغما، ناهن نوحا ئي پر ڳارايو.
صبر متان ٿي سڪتو پئي ۽ سڪتو موت،
ڪنهن به طريقي ساٿي تن کي تڙپايو!
تحريڪون نه ته تدبيرون، نه ته تجويزون،
ڪجهه ته بکارين تاريخين کي کارايو!
شعلا شعلا وَتي ٿو ورڇيندو،
اونداهه آ ”استاد بخاري“ آڻايو.
Posted in Uncategorized | Tags: Add new tag, Dadu, sindi poet, ustad bukhari
سچل سرمست
ناھي ويچاريءَ وَسُ، جو ڪَري ماٺ پَـئِي رَھي؛
ڪَنھِين ڇَن نه ڇڏيوم، سندو گَورَنِ گَسُ؛
ڏونگر منجھان ڏَسُ، پوندم ھوت پُنھونءَ جو.
۲
وَيُم لالَنُ لوءِ، ھِيءَ اَڻاسِي ننڊ ۾؛
ڀُليءَ ھيئن نه ڀانئيو، پيو پروڙڻُ پوءِ؛
ھوتُ وَٽِم جي ھوءِ، تا سُک گُذاريون ڏينھڙا.
۳
منھن ڏيئي آيام، جبل جھاڳڻ ڪيچ جا؛
طعنا تھمتَ لوڪ جا، سِر چَڱا چايام؛
ڀَت ڀَليءَ ڀايام، سِھرا سُور پريَنِ جا.
۴
ھيءَ نماڻِي نال، سنگت نِجو ساٿيو!
ايندي پُٺيءَ آن جي، جيھي تيھي حال؛
ھِن ڳوليندڙ جي ڳالھ، ڪا ھئي ھوتياڻِنِ ۾؟
Posted in Poetry, sofi | Tags: Add new tag, sachal sarmast sofi poet
شاعري
”الف“ اندر ۾ عشق مچايون،
”ب“ ته برنهن جون باهيون، يار،
”ت“ سان تن من تڙپي تو لئه،
”ث“ سان ثابت سُک نه، يار،
”ج“ جدائي جانب جھوريو،
”ح“ ته وڃايم روئي حال،
”خ“ سان خنجر عشق جو خوني،
”د“ ڪهي ٿو دم دم، يار،
”ذ“ سان ذڪر ۾ تنهنجي سهڻا،
”ر“ ته رڙي ٿو منهنجو روح،
”ز“ سان زوري دل لٽي وئين،
”س“ لڌئي نه ساجن سار،
”ش“ شرم ۽ شان وڃايو،
”ص“ صفا سائين تنهنجي سڪ،
”ض“ ضعيفي زور وٺي وئي،
”ط“ سان طلب آ تارون تار،
”ظ“ سان ظاهر ٿا آيو جڏهين،
”ع“ اوهان جو عشق عيان،
”غ“ غمن ۾ جاليان جاني،
”ف“ ته فڪر ۾ فاني يار،
”ق“ وهي ويو قلم قضا جو،
”ڪ“ ڏيان مان ڪنهن کي دانهن،
”ل“ لکيو آ ليک اصل کان،
”م“ مٺا ڏيان ڪنهن کي ميار،
”ن“ نيڻن مان ”و“ وهي پيون،
”هه“ ته حجر جون واهيون يار،
”ء“ اچين جي اڱڻ اسان جي،
”ي“ ته يڪو ٿين عيدون يار.





